- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو قطعي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
هائيڪورٽ ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني بشريٰ بيبي جي بريت واري درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي.
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي ڪيس مان بري ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جيستائين ڪيس هائيڪورٽ ۾ آهي ٽرائل ڪورٽ کي ٽرائل اڳتي وڌائڻ کان روڪيو وڃي.
اسلام آباد هائيڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو قطعي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيندي چيو ته ٽرائل ڪورٽ ٽرائل مڪمل ڪري ڇڏي پر قطعي فيصلو نه ڏي.
عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي بريت خلاف نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
