- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ باني خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ڊويزن بئنچ رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني خلاف ريفرنس ۾ 35 شاهد آهن، آخري شاهد کان جاچ آفيسر آڏي پڇا ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ بانيءَ کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ئي اسلام آباد هائيڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو هو، نيب شروعاتي طور اٺن جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته گهڻيون درخواستون داخل ڪيون ويون؟ وڪيل ٻڌايو ته رڳو هڪ ئي درخواست داخل ڪئي آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي اربع تائين جواب طلب ڪري ورتو.
عدالت ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو قطعي فيصلو ٻڌائڻ کان به روڪي ڇڏيو.- Advertisement -
