- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحت جي شعبي ۾ پنجاب کي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ کان وڌيڪ بهترين علاج ملڪ ۾ ڪٿي به نه ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اچي ته وڏو وزير کيس اسپتالن جو دورو ڪرائي، هو صحت جي شعبي ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جناح اسپتال ۾ هر سال 100 بسترن جو اضافو ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيويٽ پارنٽرشپ تحت بهترين ڪم ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ جناح اسپتال جي سائبر نائف يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کان وڌيڪ بهترين علاج ملڪ ۾ ڪٿي به نه ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم اچي تي وڏو وزير کيس اسپتالن جو دورو ڪرائي، وزيراعظم اچي ته وڏو وزير کيس اسپتالن جو دورو ڪرائي، هو صحت جي شعبي ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته جناح اسپتال ۾ هر سال 100 بسترن جو اضافو ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيويٽ پارنٽرشپ تحت بهترين ڪم ڪيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميڊيا ۾ ناڪاري خبرون هلن ٿيون، عالمي سطح تي به ملڪ لاءِ ناڪاري خبرون هلن ٿيون.
پ پ چيئرمين چيو ته 2011ع کانپوءِ صوبائي حڪومت کي اسپتالون هلائڻ جي ذميواري ملي، اڄ انهن اسپتالن جي ڪارڪردگي مثالي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته ميگا منصوبا شروع نه ڪندي آهي پ پ دعوائن بدران ڪم ڪري ڏيکاريندي آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته جيَ پي ايم سي ۾ ڪينسر واري شعبي ۾ 167 شهرن جا ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا ۽ پندرهن ملڪ جا شهري به علاج لاءِ اچي چڪا آهن.- Advertisement -
