- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ سائفر ڪيس ٽرائل جو منع نامو واپس وٺندي 14 ڊسمبر کانپوءِ جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
تحريڪ انصاف جي باني جي سائفر ڪيس جي ان ڪيمرا ٽرائل خلاف درخواست جي اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنهنجا دليل ڏنا جنهن بعد وڪيل سلمان اڪرام راجا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 14 ڊسمبر جي آرڊر جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏني وڃي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل صاحب جيڪڏهن اوهان ڪارروائي واپس وٺڻ چاهيو ٿا ته اتان ئي ڪريو جتان آرڊر پاس ٿيو هو ان حوالي سان باقاعده آرڊر به جاري ڪندا.
اٽارني جنرل بند ڪمري ۾ ڪارروائي ٻيهر ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته 13 شاهدن جا بيان ٻيهر قلمبند ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
عدالت سائفر ڪيس ٽرائل جو منع نامو واپس وٺندي 14 ڊسمبر کانپوءِ جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو……..- Advertisement -
