190 ملين پائونڊ ڪيس وڏي واردات آهي، هاڻي احتساب ۽ حساب ضرور ٿيندو:خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس وڏي واردات آهي، هاڻي احتساب ۽ حساب ضرور ٿيندو، ملڪ رياض دولت جي ڏاڍ تي ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ زمينون خريد ڪيون، زمينن جي خريداري ۾ شفافيت نه رکي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته ملڪ رياض جي ملڪيتن جي خريداري بابت قومي سطح تي جاچ ٿيڻ گهرجي، ٻاهر ڪاروبار کي حرام قرار ڏيندڙ ملڪ رياض دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته امير ماڻهو هر ماڻهو کي خريد ڪري سگهي ٿو، تازي واردارت 190 ملين پائونڊ جي صورت ۾ ڪئي وئي آهي، پئسي جي زور تي رياست کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهجي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته جڏهن ته ميڊيا، سياستدان يا عدالتون ملي وينديون آهن ته هڪ ڏوهه جي پٺڀرائي ٿيندي، حڪومت ۽ ملڪ کي بليڪ ميل ڪيو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته هن ۾ هٿ نه وڌو ويندو ته اها سندس ڀل آهي، هاڻي رياست هن ۾ هٿ وجهندي، ڪنهن به صورت ۾ هن قسم جي مافيا کي رياست هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته ڪنهن کي خوشفهمي يا غلط فهمي هجي ته ڪو ٺاهه ٿيندو ته ائين ممڪن ناهي، ڪنهن قسم جو رليف ملڻ جي ڪنهن مان اميد نٿي ڪري سگهجي، هي احتساب تمام نازڪ نوعيت تائين پهچي چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون