تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس بابت بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم ثابت جي درخواستن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس ۾ ڪيس کان الڳ ٿيڻ بابت درخواستن تي پيمرا، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي تي پنج پنج لک رپيا ڏنڊ هڻي درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس بابت بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم ثابت جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران اٽارني جنرل عثمان منصور عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار چيو ته پهريان ڌر ٿيڻ بابت درخواستون طئي ٿينديون، ڪنهن درخواستون داخل ڪيون آهن؟، ان جو فيصلو ڪرڻو آهي؟، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي درخواستون داخل ڪرايون آهن. عدالت چيو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سنجيده ادارا آهن، سندن درخواستون ٻڌي فيصلو ڪيو وڃي، ڪنهن کين درخواستون داخل ڪرائڻ جي اٿارٽي ڏني آهي؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڊي جي ايف آءِ اي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي اٿارٽي ڏني آهي. جسٽس بابر ستار، ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته درخواست جو لاڳاپيل حصو پڙهو جتي سندس مٿان اعتراض ڪيو ويو آهي. جسٽس بابر ستار پڇا ڪئي ته آءِ ايس آءِ جي معاملي سان ايف آءِ اي جو ڪهڙو تعلق آهي، هي خط ايف آءِ اي سان ڪهڙي طرح لاڳاپيل آهي؟، ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي آهي؟، اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي ناهي. جسٽس بابر ستار پڇا ڪئي ڇا هائيڪورٽ جي ججن کي بليڪ ميل ڪرڻ يا ججن جي گهرن ۾ ڳجهيون ڪيمرائون لڳائڻ سان ايف آءِ اي جو ڪو تعلق آهي؟، اٽارني جنرل چيو ائين ته ناهي پر خط ۾ لفظ انٽيليجنس استعمال ڪيو ويو آهي. عدالت ايف آءِ اي جي ڌر بڻائڻ واري درخواست پنج لک ڏنڊ سان خارج ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت ڊي جي ايف آءِ اي خلاف توهين عدالت ڪارروائيءَ جو اشارو به ڏنو. ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته انٽيليجنس بيورو جي ڌر بڻجڻ واري درخواست ڪنهن جي منظوري سان داخل ٿي آهي؟، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته جوائنٽ ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو منظوري ڏني آهي، جسٽس بابر ستار چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هو پاڻ پيش ٿي. عدالت ٻڌڻي جي پڄاڻي تي پيمرا، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي جي درخواستن تي به پنج پنج لک رپيا ڏنڊ هڻي درخواستون خارج ڪري ڇڏيون…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون