تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف رياض ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۽ فائونڊيشن وچ ۾ حفاظتي ٽڪن، خوراڪ ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون. رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس وچ ۾ ملاقات ٿي. بل گيٽس پنجاب ۾ وڏي وزير طور شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽڪن ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري پروگرام جي ساراهه ڪئي ۽ اهڙي عمل کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ جي تجويز ڏني. وزيراعظم شهباز شريف، بل گيٽس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس جي خط تي سندس ٿورا مڃيا. ملاقات دوران پاڪستان ۽ فائونڊيشن وچ ۾ حفاظتي ٽڪن، خوراڪ ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف، بل گيٽس کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي مضبوط ڀائيواري يقيني بڻائي ويندي. بل گيٽس جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽڪن ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جا پروگرام بهترين انداز ۾  مڪمل ٿيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27 ° C
27 °
27 °
45 %
4.4kmh
79 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون