اسلام آباد هائيڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي، پر چيف ايگزيڪيٽو ڪجهه به نه پيو ڪري، لڳي ٿو ته حڪومت ئي جبري گمشدگين جي بينيفشري آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اظهر مشواني جي ٻن گم ٿيل ڀائرن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ پنجاب پوليس لاهور کان ايس پي عدالت آڏو پيش ٿيو.
پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته خاندان طرفان سي سي ٽي وي فوٽيجز فراهم ڪيا ويا آهن، ريزولوشن گهٽ هجڻ سبب نه نادار ۽ نه فارنزڪ ايجنسي کان خبر پئجي سگهي آهي، جيو فينسنگ 10 هزار نمبر حاصل ڪيا پر اڃا تائين ڪجهه به خبر ناهي پئي.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته سيف سٽي پراجيڪٽ هر پاسي کان ڪورَ نه ٿو ڪري سگهجي، هيل تائين ڪا به قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسي ان بابت پتو نه لڳائي سگهي آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ظاهري طور ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت ئي جبري گمشدگين جي بينيفشري آهي، ڪيئن هن ملڪ ۾ ماڻهو اغوا ٿين ٿا ۽ چيف ايگزيڪيٽو ڪجهه به نه ٿو ڪري.
اٽارني جنرل چيو ته هو وزيراعظم کي ان معاملي تي بريف ڪندو، چيف ايگزيڪيٽو کي انهن معاملن جي خبر آهي پر پوءِ به ماڻهو جبري طور گم ٿي وڃن ٿا.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته جڏهن کان اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ هي ڪيس شروع ٿيو آهي، جاچ ئي رڪجي وئي آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيو فينسنگ رپورٽ تيار ٿيڻ بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2
°
C
10.2
°
10.2
°
26%
0.8m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


