- Advertisement -
انڊونيشيا ۾ چونڊ قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميم خلاف احتجاج ڪندڙن پارليامينٽ تي حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي خابرون اداري موجب انڊونيشيا جي صدر جوڪويدود ۽ ان جي پارليمنيٽ ميمبرن طرفان چونڊ قانونن ۾ ترميم لاءِ پيش ڪيل تجويز خلاف انڊونيشيا جي مختلف شهرن ۾ عوام ٻاهر نڪري آيو.
انڊونيشيا ۾ چونڊ قانونن ۾ترميم خلاف هڪ هفتي کان احتجاج جاري آهي.
انڊونيشيا جي اليڪشن ڪميشن ۽ پارليمينٽ ٻاهران وڏي تعداد احتجاج ڪندڙ موجود هئا.
پارليامنيٽ جي ٻاهران جمع ٿيل احتجاج ڪندڙ کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ ۽ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو ويو ۽ 300 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙن طرفان پارليمينٽ تي حملو ڪيو ۽ اندر داخل ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي.
گذريل ڏينهن احتجاج جي ڪري پارليمينٽ ۾چونڊ قانون ۾ ترميم لاءِ تجويز ڪيل اميدوارن جي اهليت جي حوالي سان قانون ۾ ترميم تي بحث ٿيڻو هو، جيڪو ڪورم پورو نه هئڻ ڪري نه ٿي سگهيو…………- Advertisement -
