تازه ترين

اسلام آباد ۾ جي اليون ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد، 27 ماڻهو زخمي

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ جي اليون ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، سڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي اسپانسر طالبان جي خارجي دهشتگردن “جي اليون ڪورٽ” ٻاهران ڌماڪو ڪيو آهي. مبينا طور تي آپگهاتي حملو ڪندڙ جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي روڊ تي پيل هٿ آئي آهي. شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 27 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ وڪيل ۽ سائلين به شامل آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آڦگهاتي هو ۽ واقعي واري هنڌ تان آپگهاتي حملو ڪندڙ جي ڌر کان ڌار سسي به هٿ ڪئي وئي آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي ۾ هندوستاني حمايت يافتا ۽ افغان طالبان جي پراڪسي فتنه الخارج ملوث آهن. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت ڪورٽ جي ايريا ۾ ماڻهن جي وڌيڪ اچ وڃ هئي جنهن سبب سائلين به زخمي ٿيا. ذريعن موجب زخمين کي فوري طور تي طبي امدادي لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي کانپوءِ علائقي کي گهري ۾ ورتو ويو آهي. ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي کانپوءِ عمارت خالي ڪرائي وئي، وڪيل، جج ۽ سائلين کي ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جوڊيشل ڪمپليڪس مان شهرين ۽ وڪيلن کي ڪڍيو ويو، ججن کي به روانو ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
18 %
0.7kmh
0 %
اڱارو
9 °
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون