اسلام آباد ۾ سي ڊي اي جو حد دخلين خلاف آپريشن، تحريڪ انصاف جو مرڪزي سيڪريٽريٽ سيل

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي حددخلين خلاف آپريشن ڪندي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ جو هڪ حصو ڊاهي پٽ ڪري آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو. آپريشن کان اڳ پوليس پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. آپريشن دوران سي ڊي اي پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ جو ڪجهه حصو ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف جي آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو. سي ڊي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن بلڊنگ رولز جي ڀڃڪڙي، غير قانوني اڏاوتن ۽ حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪيو ويو. سي ڊي اي جو چوڻ آهي ته سيڪٽر جـِي ايٽ فور ۾ موجود پلاٽ سرتاج علي نالي شخص کي الاٽ آهي، پلاٽ جي ڀر واري ايراضيءَ تي قبضو ڪري غيرقانوني اڏاوت ڪئي وئي، پلاٽ مالڪ ڪيترائي ڀيرا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، مختلف وقتن تي سي ڊي اي طرفان نوٽيس به موڪليا ويا پر جواب نه آيو. ٻئي طرف سيڪريٽريٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سي ڊي اي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته کين سيڪريٽريٽ ۾ حددخلين جو ڪو به نوٽيس ناهي مليو، سي ڊي اي عملدارن کي چيو ڪو آرڊر آهي ته ڏيکاريو پر هو ڪوبه ليٽر نه ڏيکاري سگھيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ آفيس ۾ اڄ اهڙو ئي آپريشن ٿيو جهڙو اسرائيل فلسطين ۾ ڪري رهيو آهي، هو ڪاروائي جو معاملو اسيمبلي ۾ اٿاريندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي عمارت تي اعتراض هو ته وٽن اچن ها، سي ڊي اي وارا دستاويز ڏيکارين ها ته معاملي کي بهتر طريقي سان حل ٿي سگھيو پيو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
18%
3m/s
1%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون