- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي لاءِ ڳالهين ختم ٿي ويون جنهن بعد آءِ ايم ايف جي مشن چيف طرفان ڳالهين بابت بيان به جاري ڪيو ويو آهي.
عالمي مالياتي اداري جي مشن چيف نيٿن پورٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي معيشيت جي بهتري لاءِ ڊگهيون ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان سان 13 مئي کان 23 مئي تائين ڳالهيون ٿيون.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت آمدني وڌائڻ چاهي ٿي، ٽيڪس اوڳاڙي شفاف ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ضروري آهن.
آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيٿن پورٽر چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي پيداوار تي ايندڙ خرچ ۾ گهٽتائي جي ضرورت آهي، مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مانيٽري پاليسي استعمال ڪئي وڃي، سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.
آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيٿن پورٽر چيو ته سرڪاري ڪارپوريشنز جي خانگاهڻ بابت به تفصيلي ڳالهيون ٿيون، پاڪستان سان پاليسي ڳالهيون جاري رهنديون…….- Advertisement -
