- Advertisement -
اسلام آباد ۾ ڳجهن ادارن آپريشن ڪري 80 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو.
بهارا ڪهو، ترنول، مهر آبادي، گولڙا، شمس ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ افغان شهرين خلاف آپريشن ڪيو ويو.
ذريعن موجب آپريشن دوران 800 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 400 افغان شهرين کي رهائشي ثبوت هجڻ سبب آزاد ڪيو ويو .
375 افغان شهرين کي ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو، آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد کين سرحد پار موڪليو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لسٽون ٺاهيون ويون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.- Advertisement -
