تازه ترين

پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري 9 درخواستن تي فيصلو ٻڌايو پيو وڃي

- Advertisement -
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي 9 ضمانت واري درخواستن تي اڄ فيصلو ٻڌائيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فيصلو ٻڌائيندا جنهن جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش نه ٿيڻ تي ضمانتون رد ڪري ڇڏيون هيون. پي ٽي آءِ چيئرمين انهن ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ضمانت جون 9 درخواستون لاڳاپيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ سمجهيون وڃن. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته انهن 9 ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل عدالتن کي 9 ڪيسن جا فيصلا ميرٽ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. واضع رهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 9 ڪيسن مان ٽي ڪيس 9 مئي جا آهن، ان  کان علاوه ٽي ڪيس اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جڏهن ته توشا خانا جعل سازي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ قتل جي قدمن جا ڪيس داخل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون