- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پر امن احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي، ريڊ زون ۾ گڏ ٿيڻ تي ٻيهر آپريشن ٿيندو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور ۽ بشرى بي بي آپريشن دوران نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڄاڻ ناهي ته ٻئي ڄڻا ڪٿي آهن؟.
راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڪوشش ڪئي وئي ته آپريشن دوران ڪو جاني نقصان نه ٿئي، پنج کان ساڍا پنج سئو مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي اهلڪار شهيد ٿيا آهن انهن جي ايف آءِ آر ۾ اهي سڀئي نامزد ٿيندا، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو به ڪيس داخل ڪيو ويندو.
وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڪي پي ڪي مان 15 کان 20 هزار ماڻهو آيا، انهن ۾ افغان شهري به هئا، جيڪي هٿيارن سان ليس هئا پرتشدد واقعن ۾ اهي ئي ملوث آهن.
راڻا ثناءُ وڌيڪ چيو ته هتان ڪيتريون ئي گاڏيون نڪري ويون آهن، انهن مان هڪ ۾ بشرى بي بي ۽ علي امين به فرار ٿي ويا.- Advertisement -
