- Advertisement -
اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسيءَ جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد وياج جي شرح 20 ڏهائي 5 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 19 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
مرڪزي بئنڪ جي گورنر چيو ته وياج جي شرح ۾ سئو بيسس پوائنٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، مهانگائي جي شرح 12 ڏهائي 60 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 12 ڏهائي 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.
جميل احمد چيو ته ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، ٽن مهينن بعد سيپٽمبر ۾ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو.- Advertisement -
