تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف فچ طرفان پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪئي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف فچ طرفان پاڪستان جي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته رياست خاطر سياست جي قربانيءَ جو ثمر معاشي بهتري جي صورت ۾ ملڪ ۽ قوم کي ملي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عالمي ريٽنگ ٽرپل سي پلس ٿيڻ درست معاشي پاليسي جو عالمي اعتراف آهي. شهبازشريف چيو ته معاشي سڌارن واري ايجنڊا تي ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، ان جا اثر به عوام تائين پهچايا ويندا. هن چيو ته فچ ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون رپورٽون ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اهم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي بهتري واري رستي تي وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. شهبازشريف چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام سان پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان به معاشي بهتري  جو هڪ وڌيڪ ثبوت آهي. شهبازشريف چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
32 %
3.6kmh
86 %
خميس
29 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون