تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اقليتن جو تحفظ هر مسلمان جي ذميواري آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقليتن جو تحفظ هر مسلمان جي ذميواري آهي، ان معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، انتهاپسنديءَ جو ڪنهن به مذهب، ٻولي يا علائقي سان تعلق ناهي، جڙانوالا واقعو سماج موجود هڪ مرض جي نشاندهي ڪري ٿو، دشمن ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته هو سمورين شين کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، هو پنهنجن ماڻهن جو تحفظ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا.

مسيحي برادريءَ سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا جو دورو ڪيو ۽ متاثرن ۾ چيڪ ورهايا.

تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته انتهاپسنديءَ جو ڪنهن به مذهب، ٻولي يا علائقي سان تعلق ناهي، جڙانوالا واقعو سماج موجود هڪ مرض جي نشاندهي ڪري ٿو.

هن چيو ته هر شهريءَ جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڪو به معاشرو عدل ۽ انصاف کانسواءِ قائم نه ٿو رهي سگهي، رياست جي دشمنن جو پهريون وار انصاف جي نظام تي هوندو آهي.

نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ مسيحي برادريءَ جو اهم ڪردار آهي،  اهو دشمن ڪو ٻيو ۽ ان جو حدف ڪو ٻيو آهي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دشمن ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته هو سمورين شين کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا، هو پنهنجن ماڻهن جو تحفظ ڪري جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا.

نگران وزيراعظم چيو ته اقليتي برادري کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، هو مسيحي ڀائرن جي حفاظت جا ذميوار آهن، رياست سدائين مظلوم سان گڏ بيهندي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو خاطري ٿو ڪرائي ته سندن ورتاءُ لفظن کان وڌيڪ  عمل سان نظر ايندو.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جڙانوالا ۾ گرجا گهر به ويو ۽ چرچ جي نئين سر تعمير ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
15 %
5.4kmh
29 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون