- Advertisement -
اليڪشن ايڪٽ کانپوءِ تاحيات نا اهلي برقرار رهندي يا نه؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسى جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو سـَت رڪني لارجر بينچ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.
گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 62 ون ايف تحت تاحيات نا اهلي بابت درخواست تي بينچ جوڙي وئي هئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان علاوه جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي لارجر بئنچ جو حصو آهن.
سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ صبح ساڍي يارهين وڳي ٻڌڻي ڪندي.- Advertisement -
