تازه ترين

نئين سال ۾ به غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جو سلسلو بند نه ٿيو، وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
نئين سال ۾ به غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري جو سلسلو بند نه ٿيو، جباليه، مغازي، نصيرات ڪئمپن تي اسرائيلي جهازن جي حملن ۾ وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو  چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز اوڀر غزه ضلعي جي زيتون تي شيلنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب اسرائيلي فوج سينٽرل  غزه ۾ مغازي ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي ڊرون ڪيرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا، جڏهن ته نصيرات پناهگير ڪيمپ ۾ هڪ گهر تي آپريشن دوران ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ اسرائيل طرفان گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل حملن ۾ وڌيڪ 180 فلسطيني شهيد ٿي ويا، 7 آڪٽوبر کان جاري جارحيت ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ وڌي 22 هزار ٿي ويو آهي جڏهن ته زخمي جو تعداد 57 هزار 697 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي طرف اسرائيلي فوج سڄو سال غزه ۾ جنگ جاري رکڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. اسرائيلي فوج غزه ۾ زميني جنگ دوران هن وقت تائين دوستانه فرينڊلي فائرنگ ۾ 29 اسرائيلي فوجين کي مرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان کان علاوه اسرائيلي فورسز اولهه ڪناري مان ٻن عورتن سميت 32 فلسطينين کي گرفتار ڪيو ڪري ورتو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
47 %
4.4kmh
1 %
اربع
26 °
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون