- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ، منشيات وڪري، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪئي.
رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ٽارگيٽ ڪلنگ، منشيات وڪري، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار حسين عرف ڇلو کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وٽان هٿيار، ايمونيشن ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار جو تعلق لياري جي ڏوهاري ٽولي بلال عرف پپو ٽولي سان آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار 2016ع ۾ لياري جي ڏوهاري ٽولي ۾ شامل ٿيو ۽ علائقي جو ڪمانڊر رهيو، جوابدار 2016ع ۾ ساٿين سان گڏجي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ ٽن ڄڻن ثاقب، عاشق ۽ زاده کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو.
رينجرز ترجمان موجب، جوابدار ماضي ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ايران روپوش ٿي ويو هو، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار انڪشاف ڪيو آهي ته 2019ع ۾ پوليس گرفتاري لاءِ پراڻي گوليمار ۾ ڇاپو هنيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار فاروق شهيد ٿي ويو هو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هن ڪارروائي ۾ جوابدار جي ٻين ساٿين ۾ جهانگير، شهريار عرف شيرل ۽ شيراز شامل هئا، گرفتار جوابدار خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار کي هٿيارن سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي………- Advertisement -
