اليڪشن ڪميشن، انٽرا پارٽي چونڊن بابت تحريڪ انصاف جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن، انٽرا پارٽي چونڊن بابت تحريڪ انصاف جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ جسٽس اڪرام الله تي ٻڌل 3 رڪني بينچ لکت ۾ فيصلو ٻڌايو ۽ پنهنجي صحيحن سان جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف طرفان درخواست ڪئي وئي ته ايف آءِ اي کي چيو وڃي ته سندن فائل ۽ ڪمپيوٽر واپس ڪيا وڃن، سندن شيون ايف آءِ اي ۽ پوليس کڻي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي شين ۽ دستاويزن جي واپسي لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري، مناسب نه هوندو ته ڪيس کي وڌيڪ دير جو شڪار ڪيو وڃي، انٽرا پارٽي اليڪشن تي دليل 18 سيپٽمبر تي ٿيندا. تحريڪ انصاف درخواست ڪئي ته مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلو اچڻ تائين انٽرا پارٽي اليڪشن جي ڪارروائي روڪي وڃي. اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو ته سياسي پارٽين جي ذميواري آهي ته سندن وٽ هر سطح تي عهديدار جي چونڊ ڪن، اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ايڪٽ تحت پارٽي طران دستاويزن جي تصديق جي پابند آهي، پي ٽي آءِ ميمبرن انٽرا پارٽي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايتون داخل ڪيون هيون، اليڪشن ڪميشن اهڙي معاملي کي ڏسڻ جي پابند آهي. فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن قانون ۽ پارٽي آئين موجب ٿيندي آهي يا نه، اهو ڏسڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن جي حدن بابت درخواست ۾ وزن ناهي، تحريڪ انصاف جي حدن بابت درخواست کي به رد ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
35%
2.1m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون