- Advertisement -
ڪراچي جي عدالت ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ ڪارساز حادثي جي جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران نتاشا جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نتاشا ذهني مريض آهي، آگسٽ 2005ع کان سندس علاج هلي رهيو آهي، سندس وٽ يو ڪي جو ڊرائيونگ لائسنس آهي جيڪو پاڪستان ۾ 6 مهينن لاءِ ڪرائتو آهي، فوتين جي وارثن الله جي رضا خاطر خون معاف ڪري ڇڏيا آهن.
فريادي جي وڪيل ٻڌڻي دوران نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو.
عدالت نتاشا جي ضمانت بابت درخواست منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ان کان اڳ ڌرين ۾ طئي ٿيل قسم نامي جي ڪاپي سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتي.- Advertisement -
