- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن، بيٽ جو چونڊ نشان بحال ڪرڻ واري پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن پشاور هائيڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي تي قانو ماهرن سان صلاح مشوري بعد پشاور هائيڪورٽ جي اسٽي آرڊر خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪئي.
درخواست اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن خصوصي ٻه رڪني بئنچ ٺاهي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پشاور هائيڪورٽ 26 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ جي انٽراپارٽي اليڪشن ڪالعدم ۽ چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو- Advertisement -
