سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن رڳو عام چونڊن جي مهيني جو اعلان ڪيو تاريخ نه ڏني آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي کين اعتراض آهن.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ڏيهه ضرور واپس اچڻ گهرجي، سٺي ڳالهه آهي ليڊر ملڪ ۾ رهي پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪن.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پيپلزپارٽي چونڊن لاءِ تيار آهي، ملڪ ۾ جلد اليڪشن ڪرائي اقتدار چونڊيل حڪومت حوالي ڪيو وڃي.
