نينگري فاطما ڦرڙو جي وارثن خانواهڻ پوليس مٿان هيسائڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، نينگري جي امڙ شبانا ڦرڙو جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او خانواهڻ انصاف ڏيارڻ بدران ڌمڪيون ڏئي هيسائي رهيو آهي، شڪ آهي ته سندس گهر ڀاتين کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندو، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي شڪايتن باوجود ايس ايڇ او خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.
پيرن جي حويلي ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل فاطما ڦرڙو جي امڙ شبانا ڦرڙو خانواهڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او خانواهڻ ڳوٺ پھچي سندس ٻارڙن جي پڇا ڪئي ۽ بنا ڪنھن سبب جي ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون ڏئي هيسائي ڪري رھيو آھي.
هن چيو ته شڪ آهي ته ايس ايڇ او خانواهڻ سندس گهر ڀاتين کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندو.
فاطما ڦرڙو جي امڙ شبانا ڦرڙو چيو ته ايس ايڇ او خانواهڻ، پيراڻي حويلي جو خاص ماڻھو آھي ۽ ھو کين مارائڻ چاھي ٿو ۽ ڳوٺاڻن کي به ڌمڪيون ڏنيون آهن ته شبانا ڦرڙو جو ساٿ نه ڏيو.
سندس چوڻ هو ته ڳوٺاڻن کي زبردستي اوطاق تان اٿاري ڇڏيو اھڙي شڪايت هنن گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سامھون ڪئي پر تدارڪ نه ٿيو.
فاطما ڦرڙو جي امڙ شبانا ڦرڙو چيو ته ايس ايڇ او خانواهڻ خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
