اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن 3 اپريل تي ڪرائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن 3 اپريل تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي عام چونڊن جو شيڊيول تيار ڪري ورتو آهي، سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ پولنگ 3 اپريل تي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. 3 اپريل تي سنڌ ۽ پنجاب مان 12-12، ڪي پي ۽ بلوچستان مان 11-11 ۽ اسلام آباد ٻه سينيٽر چونڊيا ويندا. سينيٽ جا 52 سينيٽر 11 مارچ تي رٽائر ٿيندا، پنجاب ۽ سنڌ جي 12-12، اڳوڻي فاٽا جي چئن سينيٽرن جو مدو پورو ٿيندو، 25هين آئيني ترميم  تحت فاٽا جي چئن سينيٽ سيٽن تي ٻيهر چونڊ نه ٿيندا. پنجاب اسيمبلي سينيٽ جي ٻارهن ميمبرن جي چونڊ ڪندي، صوبي جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻن ٽيڪنوڪريٽس ۽ هڪ  اقليتي سيٽ تي ميمبر چونڊندي. 8 مارچ 2024ع تي پنجاب سان تعلق رکندڙ يارهن سينيٽر پنهنجو مدو پورو ڪندا، جن ۾ ن ليگ جو آصف ڪرماني، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، رانا محمود الحسن ۽ خالد شاهين بٽ مدو پرو ڪندا، پي ٽي آءِ جا 2 سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ وليد اقبال  مدو پورو ڪري رٽائر ٿيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
26%
3.1m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون