- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي متاثرن کي نقصان جي ضابطي ۽ قانون موجب ادائگي ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سميت گوادر جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته برسات متاثرن جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏي ويندي، متاثرن جي بحالي لاءِ مضبوط پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي.
هن چيو ته گوادر جي شهرين جا گهر ٻڏي ويا آهن، هو اسلام آباد ۾ ڪيئن ويهي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ ذريعي آفتن بابت اڳڪٿي لاءِ نظام واضح ڪيو وڃي.
وزيراعظم جي دوري دوران انتظاميه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتي ٻوڏ جي نتيجي ۾ جيواڻي سميت ڪيترن ئي علائقن کي نقصان پهتو آهي، انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ سبب اسڪولن ۾ امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته گوادر ۾ 3100، جيواڻي ۾ 2500 گهر متاثر ٿيا آهن، 95 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، 200 کان وڌيڪ ڍور مري ويا آهن.
انتظاميه موجب 355 ماڻهن کي سرڪاري رهائشگاهن ۾ رکيو ويو آهي،800 ماڻهن کي بچائي سندن عزيزن جي گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان برسات ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ به ورهايا ويا.
متاثرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي آهي، الله جو شڪر آهي ته گوادر ۾ ڪو ماڻهو فوت نه ٿيو آهي، سڄي بلوچستان ۾ برسات سبب پنج ماڻهو فوت ٿيا آهن.
هن چيو ته امداد فراهم ڪرڻ برسات متاثرن مٿان ڪو ٿورو ناهي، اهو نئين چونڊيل حڪومت تي فرض آهي، نقصانن تي ضابطي ۽ قانون موجب ادائگي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج، نيوي، ڪوسٽ گارڊ آفيسرن، اهلڪارن ۽ پي ڊي ايم سنڌ جا به ٿورائتا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ڊي ايم سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن پاڻي جي نيڪال لاءِ سامان پهچايو، بلوچستان حڪومت ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيا.
هن چيو ته برسات دوران تباهه ٿيل گهرن جي مالڪن ۾ ساڍا ست لک رپيه ورهايا ويا آهن، ٻين ماڻهن ۾ تصديق کانپوءِ چيڪ ورهايا ويندا.
سندس چوڻ هو ته برسات دوران فوتين جي وارثن کي 20 20 لک رپيه ڏنا ويندا ۽ زخمين کي پنج لک رپيه ڏنا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثرن جي ٻيهر آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهندو ۽ ٻيهر علائقي جو دورو ڪندو- Advertisement -
