- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن طرفان بيلٽ پيپرن جي ڇپائي 2 فيبروري تائين مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران عام چونڊن جي تيارين بابت جائزو ورتو ويو.
اعليٰ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن لاءِ بيلٽ بيپرن جي ڇپائي جو ڪم 2 فيبروري تائين مڪمل ڪيو ويندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم اطمينان جوڳي نموني جاري آهي، بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم 2 فيبروري تائين مڪمل ڪيو ويندو.
هن چيو ته سڪيورٽي ادارن ۽ انتظاميه جي مدد سان بيلٽ پيپر پهچائڻ جو ڪم چئني صوبن ۾ شروع ٿي چڪو آهي.
ترجمان چيو ته بيلٽ پيپر پهچائڻ جو ڪم روڊ ۽ هوائي ٻنهي رستن ذريعي ڪيو پيو وڃي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته بيلٽ پيپرن جي ڇپائي 2 فيبروري تائين مڪمل ڪئي ويندي، هن وقت تائين 9 لک 76 هزار پولنگ عملي مان 9 لک 70 هزار جي تربيت مڪمل ٿي چڪي آهي، باقي عملي جي تربيت ايندڙ چئن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندي.
ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ ٻن سياسي پارٽين وچ ۾ ٽڪراءَ، فائرنگ صوابي ۾ پوسٽل بيلٽ کسڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
ترجمان چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
