- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڏا ترقياتي منصوبا مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، صوبائي نگران وڏن وزيرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي.
نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس جو پيسو عوام جو آهي، سمورن ترقياتي منصوبن جو مرڪز عوامي ڀلائي ۽ ترقي هجڻ گهرجي، مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي ترقي، پن بجلي پاڻي ذخيرن جي ترقي، زراعت، صعنت، آءِ ٽي سان گڏوگڏ افرادي قوت خاص طور نوجوانن جي ترقيءَ کي ترقياتي بجيٽ ۾ خاص اهميت ڏني ويندي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وفاقي حڪومت ترقياتي منصوبن بابت فيصلن ۾ صوبن سان صلاح مشورن کي اهميت ڏي ٿي.
نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ٿوري عرصي ۾ ملڪي ترقياتي حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته چئلينجن باوجود عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري ئي ترقي ممڪن آهي.- Advertisement -
