تازه ترين

اليڪشن ڪميشن نون سڌارن سميت اليڪشن رولز ۾ ارڙهن ترميمن جي تجويز پيش

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اليڪشن ڪميشن نون سڌارن سميت اليڪشن رولز ۾ ارڙهن ترميمن جي تجويز پيش ڪيو آهن.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرنامو ۾ چيو ويو ته 7 آڪٽوبر تائين اليڪشن رولز ۾ ترميمن تي اعتراض ڪري سگهبا.

اليڪشن ڪميشن تجويز ڏني ته اميدوار  چونڊ خرچ  لاءِ نئون بئنڪ اڪائونٽ کولي يا موجوده اڪائونٽ رکي، پر بئنڪ اڪائونٽ جوائنٽ اڪائونٽ نه هوندو.

تجويز ۾ چيو ويو ته اميدوار اليڪشن خرچن بابت رسيد، بل، چالان ۽ وائوچر  سميت هر ادائيگي جو رڪارڊ رکندو.

اها تجويز به پيش ڪئي وئي ته اليڪشن درخواست هڪ لک رپين سان جمع ڪرائي ويندي، نامزدگي ڪاغذن سان جمع رقم واپسي جوڳي نه هوندي، رقم حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن ٻئي شخص کي چونڊ خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اميدوار ان جو به سمورو رڪارڊ ڏيندو، فنانسنگ ڪندڙ جو سڃاڻپ ڪارڊ، خرچن جو قسم ۽ آمدنيءَ جا ذريعا به ٻڌايا ويندا.

اميدوارن جي چونڊ نشان سان لسٽ ويب سائٽ تي اپلوڊ ڪئي ويندي، اميدوار آر او کي چونڊ خرچن سان گڏ مهم جي فنانسنگ جا تفصيل به ڏيندو، آر او رد ٿيل ووٽ کي اميدوار ۽ اليڪشن ايجنٽ جي موجودگيءَ ۾ کوليندو، آر او عبوري ۽ قطعي نتيجو فارم 47، 48 ۽ 49 تي پاڻ تيار ڪري سيل ڪندو.

اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ خرچن لاءِ ٻه نوان فارم 67 ۽ 68 به شامل ڪيا ويندا، اميدور ڏيهه، پرڏيهه ۾ ملڪيت، خريد ڪيل اثاثن جا تفصيل به ڏيندو، ان کانسواءِ اميدوار جي گاڏين، زيور، بئنڪ يا روڪ رقم جا تفصيل به فارم ۾ جمع ڪرايا ويندا.

اليڪشن ڪميشن جي تجويز ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته پارٽي سربراهه انٽرا پارٽي اليڪشن کان پندرهن ڏينهن اڳ اليڪشن شيڊيول اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو، انٽرا پارٽي اليڪشن جي ستن ڏينهن اندر ڪميشن کي  آگاهه ڪيو ويندو.

اليڪشن رولز ۾ پيش ڪيل ترميم ۾ چيو ويو ته سياسي پارٽين تي پيل ڏنڊ جي رقم حڪومتي خزاني ۾ جمع ٿيندي، اليڪشن خرچن لاءِ سياسي پارٽي کي 10 لک رپيان کان وڌيڪ عطيو فراهم ڪندڙن جا تفصيل ڏيڻا پوندا، سياسي پارٽين جي فنانسنگ لاءِ نئون فارم 69 به شامل ڪيو ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
23 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون