تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن ايندڙ هفتي جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، 26 آڪٽوبر تي درخواست تي باضابطا طور ٻڌڻي ٿيندي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف درخواست تي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميشن ڪندي. اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙ خالد محمود کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين،  اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيسن  جي ٻڌڻي به 24 آڪٽوبر تي مقرر ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي به هدايت ڪئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
8 %
4.8kmh
31 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون