- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪم تي امريڪا ۾ غيرقانوني طور ترسيل پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان موجب، هڪ وڏي پيماني تي ملڪ بدري مهم شروع ڪئي پئي وڃي.
ترجمان ٻڌايو ته اميگريشن ايجنٽن بنا دستاويزن جي رهندڙ 538 پناهگيرن کي ڊي پورٽ ڪيو آهي.
ياد رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طور ترسيل پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.- Advertisement -
