- Advertisement -
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته هو امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان يوڪرين معاملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هڪ تقريب کي ۾ خطاب ڪندي صدر پيوٽن چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ 2022ع ۾ صدر هجي ها ته يوڪرين بحران پيدا ئي نه ٿئي ها.
هن ٽرمپ کي ذهين ۽ عملي پسند شخصيت قرار ڏيندي چيو ته سندس خيال آهي ته امريڪي صدر روس کي نقصان پهچائڻ لاءِ تيار جون عالمي قيمتون گھٽ نه ڪرائيندو.
روسي صدر چيو ته تيل جون تمام گھڻي يا تمام گھٽ قيمت روس ۽ امريڪا ٻنهي جي معيشيتن لاءِ نقصاڪار ٿينديون.
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وڌيڪ چيو ته اهو تصور ڪرڻ ڏکيو هوندو ته اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جن سان امريڪي معيشيت کي نقصان پهچي.- Advertisement -
