تازه ترين

محسن نقوي جي بنگلاديش جي راندين واري وزير آصف محمود سان ملاقات

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، بنگلاديش جي راندين واري وزير آصف محمود سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ راندين خاص طور ڪرڪيٽ ۽ ايمپائرز ڊويلپمنٽ پروگرامن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پي سي بي چيئرمين بنگلاديش جي امپائرن کي پاڪستان ۾ ٽريننگ ڏيڻ جي دعوت ڏني. وومينز ڪرڪيٽ ڊويلپمنٽ پروگرامن لاءِ ڀائيواري وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسپورٽس کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بي سي بي ۾ باقاعده معاهدو ڪيو ويندو. ملاقات ۾ نوجوانن جي اسڪلز ڊويلپمنٽ ۽ روزگار بابت گڏيل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اعليٰ تعليم، اسڪالر شپ پروگرام ۽ تعليمي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ بابت به ڳالهيون ڪيون ويون. سولر انرجي ۾ جدت ۽ گڏيل سهڪار وڌائڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. محسن نقوي سڃاڻپ دستاويزن کي فول پروف بڻائڻ خاص طور نادار جي محفوظ سڪيورٽي نظام بابت ٻڌايو، بنگلاديشي وزير آصف محمود نادر جي نظام ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. پي سي بي چيئرمين، بنگلاديش جي وفد کي نادر جي دوري جي دعوت ڏني، بنگلاديش جو اعليٰ سطح جو وفد جلد پاڪستان ايندو ۽ نادر جو دورو ڪندو. محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسپورٽس سرگرمين مان يوٿ ڊويلپمنٽ جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو …….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون