- Advertisement -
امريڪي رياست جارجيا جي اٽلانٽا ايئرپورٽ تي ٻه جهاز رن وي تي ٽڪرائجي ويا، حادثي سبب ٻنهي جهازن کي تمام گھڻو نقصان پهتو.
امريڪي ميڊيا موجب، اٽلانٽا ايئرپورٽ جي رن وي تي امريڪي ايئرلائين جو ٽوڪيو ويندڙ جهاز ٽيڪسي دوران لوزيانا ويندڙ جهاز سان پويان کان ٽڪرائجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي ۾سبب ٻنهي جهازن ۾ سوار 11 سئو کان وڌيڪ مسافر محفوظ رهيا، جڏهن ته حادثي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
برطانوي خابرو ايجنسي جي رپورٽ موجب، فيڊرل ايوي ايشين اٿارٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته امريڪي ايوي ايشن سيفٽي ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول ۾ ملازمن جي کوٽ سبب جهازن جي رن وي تان لهڻ ۽ ٽڪر جهڙن واقعن ۾ گھڻي حد تائين اضافي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.- Advertisement -
