تازه ترين

پي ٽي آءِ باني جي وزارت عظمى تان برطرفي ۾ امريڪي ڪردار جا الزام غلط آهن : ميٿو ملر

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي وزارت عظمى تان برطرفي ۾ امريڪي ڪردار جا الزام غلط آهن. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اڳوڻي وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائي پاڪستان جي عدالتن جو معاملو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته اهي الزام غلط آهن ته باني پي ٽي آءِ جي وزيراعظم جي عهدي تان برطرفي ۾ امريڪا ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهي بابت اڳ به ڪيترائي ڀيرا ترديد ڪري چڪا آهن. ميٿوملر جو چوڻ هو ته پاڪستان سياست جو معاملو پاڪستان عوام کي پنهنجي قانون ۽ آئين موجب طئي ڪرڻو آهي. ڪينيڊا ۾ سـِک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ملوث ڀارتي پرڏيهي وزير جي ملوث هئڻ وارن ڪينيڊين حڪومت جي الزامن تي رد عمل ڏيندي ميٿو ملر چيو ته ڪينيڊا جي حڪومت طرفان لڳايل الزامن تي ڳڻتي آهي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان معاملي تي ڪينيڊا جي حڪومت سان مشاورت جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون