- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن اسرائيل تي ايران جي حملي کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، ٻنهي اڳواڻن ٽيهه منٽن تائين ڳالهايو ۽ ايران خلاف ڀرپور ڪارروائي جو عهد ڪيو.
پرڏيهي خابرون ايجنسي جو چوڻ آهي ته حزب الله خلاف ڪارروايون جاري رکڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي اڳواڻن حماس سان جنگ بندي تي ڪابه ڳالهه نه ڪئي.
وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته اختلافن باوجود جوبائيڊن ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هاڪاري ثابت ٿي.
ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءَ واري وزير يوف گيلنٽ جو چوڻ آهي ته ايران تي اسرائيلي حملو انتهائي خطرناڪ ۽ حيران ڪندڙ هوندو.- Advertisement -
