- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز تربت ۾ وڏي ڪارروائي ڪري بلوچستان کي وڏي دهشتگرديءَ کان بچائي ورتو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري تربت شهر ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ورتو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز گاڏيءَ جي جهڙتيءَ دوران گاڏيءَ مان 280 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪريو ورتو.
سڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيو.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته وقت سر ڪارروائي ۽ بهترين حڪمت عمليءَ ثابت ڪيو ته سڪيورٽي فورسز ملڪي دفاع لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
