- Advertisement -
40لک رپين جي ماليت جي مقامي تيار ٿيل گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر مقامي طور تيار ٿيندڙ 1400 سي سي يا وڌيڪ 40 لک رپين جي ماليت جي گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ذريعي ترميم ٿيل ايس آر او جاري ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر موجب اهڙي فيصلي سان سالياني بنياد تي 4 کان ساڍا 4 ارب رپيا روينيو جمع ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب ملڪ اندر مينوفيڪڇر ٿيندڙ 14 سئو سي سي يا وڌيڪ جي گاڏين يا 40 لک رپين کان وڌيڪ جي ماليت جي گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس هوندو .
ان کان اڳ نگران حڪومت جي وفاقي ڪابينا ۽ اي سي سي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي ….- Advertisement -
