- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان واضع ڪيو آهي ته امريڪي ويزا جي جائزي جو عمل مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين اڄ نه آهي.
ترجمان ٽيمي بروس جو چوڻ هو ته ويزا عمل ۾ اها ڳالهه يقيني بڻائي ويندي ته امريڪا ايندڙ مسافر امريڪي قومي سلامتي ۽ پبلڪ سيفٽي جي لاءِ خطرو نه هجن.
هن چيو ته امريڪا پنهنجي شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
پريس بريفنگ دوران ٽيمي بروس امريڪي ويزا جي جائزي جي حتمي اعلان جي تاريخ بابت واضع نه ڪيو.
ٻئي پاسي عالمي ميڊيا جي چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميا ڪيترن ئي ملڪن تي سفري پابنديون لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن سان افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيندا.- Advertisement -
