- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته امن امان جي مڪمل بحالي پهرين ترجيح آهي، نئين حڪومت ۾ هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏهه نڪاتي ايجنڊا کي لاڳو ڪندا، سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم شروع ڪيا هئا اهي مڪمل ڪيا ويندا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آمريڪي سفير، مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته هو سمورن سفارتڪارن کان پهرين اوهان کي مبارڪ ڏيڻ آيو آهي جنهن تي وڏي وزير آمريڪي سفير جا ٿورا مڃيا.
وڏي وزير مراد علي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي مڪمل بحالي پهرين ترجيح آهي، نئين حڪومت ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏهن نڪتن کي لاڳو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتري سندس ترجيح ۾ شامل آهي.
وڏي وزير چيو ته سوشل پروٽيڪشن تحت صوبي ۾ غربت جو خاتمو ترجيح آهي، صنعتي زون ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا، تعليم جي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا ويندا.
مراد علي شاهه چيو ته صنعتي ۽ زرعي ترقي سان معيشيت کي مضبوط ڪندا، سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم شروع ڪيا هئا اهي مڪمل ڪيا ويندا.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪن حڪومت، سنڌ جي عوام جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي، آمريڪن سپورٽ تحت تعليم جي شعبي ۾ وڌيڪ سهڪار ڪندي.- Advertisement -
