- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي تين هٽي ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران ٻه هٿياربند مارجي ويا، ايس ايس پي اوڀر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري وائٽ ڪرولا گينگ جا ساٿي هئا ۽ 50 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هئا.
ايس ايس پي اوڀر موجب، تين هٽي ڀرسان اڇي ڪرولا گاڏي ۾ سوار هٿياربندن ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا گاڏي سميت فرار ٿي ويا.
ايس ايس پي موجب، مارجي ويل جي سڃاڻپ شاهد قريشي عرف برگر ۽ محمد شاهد عرف ڪالا طور ٿي، ٻئي جوابدار مجموعي طور تي پنجاهه کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هئا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهارين جو هڪ ساٿي عمران ڪجهه ڏينهن اڳ اڳ الفلاح ۾ ڦر دوران گرفتار ٿيو هو جڏهن ته ٻئي کي جوهر پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو.- Advertisement -
