- Advertisement -
امڪاني آئيني ترميمن واري معاملي تي تحريڪ انصاف تحرڪ ۾ اچي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو.
ذريعن موجب، تحريڪ انصاف خط ۾ سمورن ميمبرن کي آئيني ترميمن جي مخالفت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوبه تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ميمبر آئيني ترميم جي حمايت نه ڪري.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته 2 سيپٽمبر تي هنن پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن کي هدايتون جاري ڪيون هيون، هنن پنهنجي هدايتن جي ڪاپي جو مڪمل فائل اسپيڪر آفيس ۾ به جمع ڪرايو آهي.- Advertisement -
