انٽيليجنس رپورٽ غلط ثابت ٿيڻ تي سپروائزري آفيسرن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويندو: غلام نبي ميمڻ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ٽاسڪ فورس کي فوري طور بحال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انٽيليجنس رپورٽ غلط ثابت ٿيڻ تي سپروائزري آفيسرن کي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت جي باقاعدي منظوري ۽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد 21هين گريڊ جي آفيسر غلام نبي ميمڻ آءِ جي سنڌ پوليس جي عهدي جي جارچ سنڀاليندي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آمد تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي پوليس جي دستي گارڊ آف آنر ۽ جنرل سلام پيش ڪيو، بعد ۾ هن شهيدن جي يادگار تي گل رکي فاتحه پڙهي ۽ سي پي او موجود آفيسرن سان مليو. عهدي جي چارج سنڀاليندي ئي آءِ جي سنڌ سي پي او ۾ اعليٰ سطح اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز توڙي ٻين سينيئر آفيسرن  وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي امن امان جي صورتحال، پوليس سڪيورٽي پلانز سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو. آءِ جي سنڌ گٽڪي، مائي ۽ منشيات خلاف ٽاسڪ فورس کي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته اسپيشل برانچ طرفان اهڙن ڏوهن خلاف انٽيليجنس رپورٽ غلط ثابت ٿي ته  آفيسرن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته جتي به منشيات جا اڏا سرگرم آهن اتان جي رپورٽ نه ملڻ تي لاڳاپيل ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي ذميواري قرار  ڏيندي سندن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته پوليس ۾ ڪارن رڍن جي ڪا به گنجائش ناهي. غلام نبي ميمڻ چيو ته سمورا ايس ايس پيز پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ صبح ڏهين وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين موجودگي يقيني بڻائن ۽ ان دوران عام ماڻهن سان ملي سندن شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪيو وڃي. آءِ جي سنڌ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي ته معمولي نوعيت جي ڏوهن تي ايس ايڇ اوز کي هرگز شوڪاز نه ڏنو وڃي. غلام نبي ميمڻ چيو ته اهڙا سمورا هيڊ محر جن ڪورس ناهن ڪيا، انهن کي فوري طور هٽايو وڃي، پوليس ۽ سندن خاندانن جي ڀلائي توڙي ترقي ترجيحن ۾ شامل آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته اوور اسپيڊنگ، خطرناڪ ڊرائيورنگ جي روڪٿام سميت موٽرسائيڪل هلائيندڙن کي هيلمٽ جي استعمال جو پابند بڻايو وڃي. غلام نبي ميمڻ ٽريفڪ پوليس کي خبرادر ڪيو ته روڊن، شاهراهن ۽ ٻين هنڌن تي ٽولين جي صورت ۾ موجودگي ختم ڪئي وڃي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
36%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون