- Advertisement -
سامونڊي فوج سمنڊ ۾ ايراني مهاڻن کي بچائڻ لاءِ ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سامونڊي فوج جي جهاز سمنڊ ۾ باهه جو شڪار ٻيڙيءَ طرفان هنگامي ڪال کي وقت سر مانيٽر ڪيو ۽ جهاز پي اين ايس يرموڪ کليل سمنڊ ۾ ايراني ٻيڙيءَ جي اٺن مهانڻ کي بچائي ورتو.
ترجمان موجب پي اين ايس يرموڪ ڪال ٻڌندي ئي انساني همدردي تحت موقعي تي پهچي ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪيو، سامونڊي فوج مهاڻن کي بچائڻ کانسواءِ باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب وقت سر ۽ ڪامياب آپريشن سامونڊي فوج جي سمنڊ ۾ هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو عملي نمونو آهي.- Advertisement -
