آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شڪارپور مان 78 پوليس اهلڪارن جي ڪراچي بدلي واري خبر جي ترديد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته اهلڪارن کي ڪراچيءَ ۾ ڪابه پوسٽنگ ناهي ڏني وئي، اهلڪارن خلاف ڪرمنلز سان رابطن سميت ٻيون شڪايتون هيون، اهلڪارن خلاف کاتي واري ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
شڪارپور مان 78 پوليس اهلڪارن جي ڪراچي بدلي بابت آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته اهلڪارن کي ڪراچيءَ ۾ ڪابه پوسٽنگ ناهي ڏني وئي، اهلڪارن خلاف ڪرمنلز سان رابطن سميت ٻيون شڪايتون هيون.
سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن خلاف کاتي واري ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڄاڻايل اهلڪارن کي بي ڪمپني منتقل ڪيو پيو وڃي، ڄاڻايل 78 پوليس اهلڪارن خلاف انڪوائري ڪئي پئي وڃي، انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي