- Advertisement -
اوٻاوڙي ڀرسان پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان وڏي مقدار ۾ شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
کنڀڙا پوليس هڪ ڪار تي ڇاپو هڻي جوابدار خالق سهيل آرائين کي گرفتار ڪري ورتو، سندس ڪار مان وڏي مقدار ۾ شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون.
پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان شراب جون 3 سئو 75 بوتلون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس موجب گرفتار جوابدار مٿان کنڀڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي….- Advertisement -
