- Advertisement -
اڏيرو لال اسٽيشن تي مال گاڏي جي انجڻ پٽڙي تان لهي وئي جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ريلوي انتظاميا جو ڪوبه اهلڪار نه پهتو.
لاهور کان ايندڙ ٽرين کي ڪراس ڪرائڻ لاءِ مال گاڏي کي لوپ لائن تي بيهارڻ جو سگنل مليو ته انجڻ پٽڙي تان لهي وئي.
مال گاڏي لوپ لائن تي هئڻ سبب مين ٽريڪ هلندڙ آهي.
مال گاڏي جي انجڻ لوپ لائن تي لهڻ کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا پر ريلوي انتظاميا جو ڪوبه اهلڪار نه پهتو.
مال گاڏي انجڻ پٽڙي تان لهڻ سبب اسٽيشن تي لوپ لائن تي بيٺل آهي.- Advertisement -
