- Advertisement -
اوڏيرولال ۾ نوجوان ناري جي مبينا آپگهات وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي.
ناري جي ڀاءُ محمد عالم جت جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس داخل جي متن موجب، تحسينا جت کي عبدالحڪيم جت، جلال جت ۽ مسمات سهڻي جت گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش کي پکي ۾ ٽنگي ڇڏيو.
فريادي محمد عالم جت موقف اختيار ڪيو ته تحسينا جت ڦاهو کائي آپگهات ناهي ڪيو، کيس ڪاري قرار ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.
ناري جي ڀاءُ محمد عالم جت ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀيڻ کي مائٽ سان ڪارو قرار ڏئي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو.
ڪجھه ڏينھن پهرين ڳوٺ شهداد جت ۾ تحسينا جت جو لاش پکي ۾ ٽنگيل مليو هو.- Advertisement -
